SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Battle of Waterloo

(click word to listen sound
  • 🔊
  • bætl
  • ɔf
  • waterloo
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Battle of Waterloo

بئٽل آف واٽرلو

واٽر لُو جي لڙائي

يورپ ۾ نيئپوليئن ۽ سندس مخالف اتحادين (جن ۾ پروشيا، برطانيا، آسٽريا، روس وغيره شامل هئا) جي وچ ۾ 18 جون 1815ع ۾ بيلجيم جي هڪ علائقي ”واٽر لو“ منجهه فيصلائتي جنگ لڳي. جنهن ۾ برطانيا جي ويلنگٽن ۽ پروشيا جي بلوشر جهڙن ناميارن جنرلن جي هٿان نئپولئن جهڙي عظيم سپهه سالار کي شڪست کائڻي پئي. ان شڪست کان پوءِ يورپ ۾ مشهور سياستڪار مئٽرنخ جي قيادت ۾ آسٽريا فرانس جي جاءِ تي سگهاري طاقت بڻجي اُڀريو. واٽرلو واري لڙائيءَ جي خاتمي تي نئپولئن کي رومي سمنڊ جي ڏورانهي ٻِيٽ ”سينٽ هيلينا“ تي قيد ڪري رکيو ويو. جتي 1821ع ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاريندي سندس موت ٿيو. ”واٽر لو“ اڳتي هلي هڪ محاورو بڻجي ويو ۽ جڏهن به ڪا ڌر زندگي ۽ موت جي لڙائي وڙهڻ لڳي ته اهڙي صورتحال کي واٽر لو سان ڀيٽيو ويو. اهڙي طرح ڪنهن به ڌر جي مڪمل تباهيءَ جي شدت بيان ڪرڻ لاءِ پڻ ان محاوري جو استعمال ٿيندو آهي


Remember Me Also:

وان

وان جمع وانئُون (ڪ)

ث . ماپ جو هڪ نمونو. ٻنهي ٻانهن جي ڊيگهه وارو مفاصلو، واهم. کُوهي (پاڻيءَ جي).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal